درگاهه لونگ فقير

درگاهه لونگ فقير

درگاهه لونگ فقير

درگاهه لونگ فقير: هي درگاهه صوفي بزرگ، اهل الله لونگ فقير مهيسر جي آخري آرام گاهه آهي، جيڪو (1201هه/1786ع-1279هه/1862ع) ڌاري ٿي گذريو. درگاهه خيرپور شهر کان اوڀر ۾ 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. صوفي لونگ فقير قادري طريقي جو پوئلڳ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور جو بزرگ هو. هن بزرگ جا ’لوڙها‘ به مشهور آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن جيڪب آباد، ٺارو شاهه، اروڙ، پني عاقل، سوڀي ديري ۾ لونگ فقير جي لوڙهن جي نسبت سڏجن ٿا. هن درگاهه جي چڱي طرح سنڀال ڪئي وڃي ٿي. درگاهه جي مرڪزي عمارت کي سفيد رنگ ڪيل آهي ۽ اڱڻ ۾ رنگين سنگ مرمر جي سرن جي فرش بندي ڪيل آهي. درگاهه جي عمارت ڪشادي ۽ جنسار ڪيل آهي. درگاهه جا ٻه حصا هئا، جن مان هڪ زبون ٿي ويل حصي کي گادي نشين پاران نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ ڊهرايو ويو آهي. باقي عمارت طرز تعمير جو اعلى نمونو آهي. درگاهه جو هجرو ۽ مسجد گڏيل آهن. مهاڙي ۾ چوڪاٺي جي درن سان چار لنگهه ۽ ٻه دريون اٿس، دروازن ۽ درين ۾ سائي رنگ جا شيشا لڳل آهن. پيڙهه ۾ ڪاشيءَ جون سرون ۽ دروازن توڙي درين جي مٿان چوڪنڊا روشندان آهن، جن ۾ سيمينٽ جون ڄاريون هنيون ويون آهن. ٻنهي پاسن کان منارا آهن، جن جي پيڙهه ۾ ڪونڊين جا نمونا ۽ مٿئين حصي تي گنبذڙيون ٺهيل آهن. عمارت جي سامهون واري حصي توڙي وچ تي به نمائشي گنبذ ۽ ننڍا منارا ٺهيل آهن، جن تي نيلون هنيون ويون آهن. وچ تي تاج ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي پاسن وارن نمائشي ننڍن گنبذن کان ڪجهه قدر وڏو نمائشي گنبذ آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻي جي گل تي جديد طرز جي نيل جو نمونو ڏيئي بلب هنيو ويو آهي. عمارت جي وچ تي اٺ ڪنڊي ڳچ تي گنبذ آهي، جنهن تي پڻ سفيد رنگ ڪيل آهي. گنبذ جي چؤگرد گچ واري حصي کان زيبائش لاءِ ڪتبن جي نموني نشان ڇڏيا ويا آهن. اندرئين طرف وچ تي مسجد جو محراب ۽ ساڄي پاسي گادي نشين بزرگن جون مزارون آهن. صوفي لونگ فقير جي مزار کي چبوترو آهي، جنهن جو احاطو مسجد واري حصي کان ڌار آهي. درگاهه جي عمارت جي ڇت ٽيئر گاڊرن سان اڏيل آهي، جنهن ۾ گل واريون سرون استعمال ڪيل آهن. صوفي لونگ فقير جي مزار واري چبوتري جو رنگ سونهري آهي، جنهن کي چوڦير لوهي ڄاريون آهن ۽ چبوترو بهترين جنسار سان سينگاريل آهي. مسجد ۽ مزار جي عمارت کي اندرئين طرف کان به جنسار ڪيل آهي.
درگاهه تي هر سال 25 ذوالقعد کان ٽن ڏينهن تائين ميلو لڳي ٿو، جنهن دوران ڪيترائي عقيدتمند، مريد ۽ زيارتي هتي گڏ ٿين ٿا. هن وقت درگاهه جو گادي نشين فقير شاعر علي ڏيٿو آهي.


لفظ درگاهه لونگ فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو